بي نام عبارت

July 31, 2008


          بک عشق ۽ ادب هڪٻئي جا مِٽ آهن. ايڪويهين صديءَ جي جديد ڪمپيوٽر جي دور جو هڪ17 سالن جو نوجوان پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهيو آهي. هن پنهنجي زندگي مشيني انداز ۾ گذاري آهن. 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ ڪمپيوٽر جي سڪرين تي ويهي ڪري سنڌيءَ ٻولي لاءِ لکي ٿو، ڪمپوز ڪري ٿو ۽ پبلش ڪري ٿو. هُن پنهنجيون ذاتي امنگون ڪنهن اوڙاهه جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. ماڻهن جي نظر ۾ ته شايد انٽرنيٽ تي ٺاهيل

/
گهڙيل سندس ڪاڪ محل جي ڪا قيمت هجي به يا نه، پر سندس جي لاءِ زندگيءَ جو واحد ۽ قيمتي سرمايو اِهو ئي آهي. انٽرنيٽ جو ڪارڊ نه هجڻ . . . وري لائيٽ جو نه هجڻ . . . وڌندڙ معاشي بحران . . . ڪفايت قناعت سان گهر کي هلائيندڙ سندس امڙ . . . . پر ستن اٺن فردن تي مشتمل گهر لاءِ ذريعه معاش جو محدود هجڻ!

          اِهي سڀ مشڪلاتون سندس لاءِ ڄڻ ته ڪاوا اُڀا ڪيو ويٺيون هجن. هن نوجوان جنهن کي پوري ريت خبر آهي ته اڳتي هلي ڪري مفلسي سندس مقدر بڻجندي. کيس اِها به خبر آهي ته هوءَ به انٽر ڪرڻ کان پوءِ اِتي ئي پنهنجن ڀائرن وانگر بيروزگاريءَ جا ڌڪا کائيندو ۽ پنهنجو ننڍڙو (ڪنڊ ۾) ڪمپيوٽر جو دڪان هلائيندو.

          مان معذرت ٿو ڪريان ته اڄ جي هن بلاگ ۾ جيڪو ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ لکي رهيو آهي، ۾ توهان کي جملن ۾ ربط نه ملندو. خيالن جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ۽ جملن جي بيهڪ عجيب لڳندي. پر اڄ مان سوچي سمجهي ڪري لکي نه رهيو آهيان. منهنجو اندر ڪڏهن ڪڏهن مون سان جنگ ڪندو آ.

          مان ٽين دنيا جي غريب پيل ديس جو واسي آهيان. مون پنهنجن وڏن کي به ائين ئي غربت ۾ زندگي گهاريندي ۽ بغير ڪنهن شڪايت جي زندگيءَ کي الوداع ڪندي ڏٺم، ۽ شايد مان به ائين ئي . . . . ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته حيرت آهي سنڌ جي غريب ماڻهن تي! جيڪي سڄي زندگيءَ غربت ۾ گهارڻ کان پوءِ به خدا خلاف ڪا حرفِ شڪايت نه ٿا اُڪلين. مون کي به خدا سان ڪا شڪايت ناهي. شڪايت ڪرڻ جو شايد حقُ به نه اٿم. منهنجو ديس ته
سونهارو ديس هو، هيرن جواهرن سان ڀريل ديس هو. پر کيس لُٽيو ويو. منهنجي ديس جا نوجوان هميشه بيروزگار به نه هيا، ۽ نه ئي هتي بيڏوهه نياڻيون ۽ نوجوان ڪاروڪاري جي رسم ذريعي ڪهاڙين جا گهاوَ کائي لانئون لهندا هئا.  

          شايد منهنجي ڪمزوري آهي يا ٻيو ڪجهه، جو مان پنهنجي انتهائي ذاتي ڳالهه ۾ به سنڌ ڌرتي ۽ ساڻس ٿيندڙ زيادتين کي دُهرائيڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي ذاتيات منهنجي قوميت سان ٻڌل آهن. سنڌ جي اندر مون کي ان ڪري به نوڪري نه ملندي جو مان سنڌي آهيان.

          دوست چون ٿا ته تون عوامي تحريڪ جو ماڻهو آهي. ڪي چون ٿا ته تون جيئي سنڌ جو ماڻهو آهي. ڪي چون ٿا ته تون سيڪيولر آهين. پر مان ڇا آهيان؟ پنهنجيءَ نظر ۾؟ مان ڪجهه به نه آهيان. ٽن ڪروڙ سنڌين مان هڪ سنڌي! پنهنجيءَ زندگي سان ٿيندڙ تماشا ڏسندڙ عوام جو هڪ حصو. اهڙو بدنصيب عوام جنهن جي قسمت جا فيصلا پنهنجن جي واتن مان پڻ ٻيا ئي ڪرائيندا آهن. مان تماش بين آهيان. وڏي ليڊر جي استقبال ۾ تاڙيون وڃائيندو آهيان. هر ويندڙ حڪومت جي وڃڻ جي خوشيءَ ۾ مٺائيون ورهائيندڙ عوام آهيان. هر روز آفيسن تي ٽن هزارن جي نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ عوام جو حصو آهيان.

          خدا جي هن خلقيل جهان ۾ اربين ماڻهو آهن. هر ڪو ماڻهو هئڻ جي باوجود به هڪ الڳ ”ڪيٽيگري“ جو هوندو آهي. ڪي ظالم، ڪي غنڊا ڪي لٽجندڙ مظلوم، ڪي حاڪم ڪي محڪوم، ڪي غاصب ڪي فاتح . . . ۽ نڄاڻ ڪيترا قسم آهن. پر سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته اُهي سڀ ماڻهو آهن. هر ڪنهن وٽ ننڍپڻ ۾ جڏهن ٻاتيون ٻوليون ڪندا هئا تڏهن ننڍڙا ننڍڙا ۽ معصوم خواب هوندا هئا. جڏهن وڏا ٿيا تڏهن سماج جي بي رحم روين سندن معصوميت
کسي ورتي. سندن خوابن ۾ معصوميت بدران بي رحمي ڇانئجي ويئي. اُهي ڪامياب ٿي ويا.

          ۽ جيڪي ماڻهو وڏا ٿيڻ باوجود به پنهنجن خوابن ۽ امنگن ۾ بي رحمي سمائي نه سگهيا، سي مظلوم بڻيا، محڪوم بڻيا. ۽ هر دور ۾ لٽجندا رهيا.

          برسات کي پئي اڌ ڪلاڪ ٿي چڪو آهي، پر منهنجي ڪمري ۾ اڃان به ڇت ٽِمي رهي آهي. ۽ ايڪويهين صديءَ جي جديد دور ۾ ٽين دنيا جي غريب ديس جو هڪ نوجوان ڪمپيوٽر جي ڪيبورڊ تي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس لکت ۾ ڪا به نواڻ نه آهي. ڪا به نئين شئي نه آهي. نه لفظن جي بناوٽ، نه خوبصورتي. ٻاهر نهاري ٿو. . . گهر ۾ بيٺل پاڻي ڏسي ٿو. . . ۽ سوچي ٿو، لکي ٿو ۽ پبلش ڪري ٿو.

Advertisements

اچو ته هڪ نئين روايت کي جنم ڏيون

February 18, 2008

محترم سنڌي دوستو!
جيئي سنڌ ـــــــ

منهنجي هڪ انتهائي گهري دوست ۽ سنڌيءَ زبان جي هڪ ادبي ويب سائيٽ www.sindhweb.com جي ايڊيٽر جناب حبيب ساجد جن منهنجي بلاگ جي پوسٽ ”ڌرتي دين ڌرم“ تي اعتراض ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي باري ۾ منهنجا خيالات بلڪل غلط آهن. ۽ دوست منهنجي انهيءَ بلاگ کي مختلف سنڌي ڪميونيٽيز ڏانهن فارورڊ ڪري دوستن کان انهيءَ جي باري ۾ رائي طلب ڪئي آهي. انهيءَ حواليءَ سان مان محترم حبيب ساجد صاحب کي لکين مبارڪون ڏيندس ته جن هڪ انتهائي حساس ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي لاءِ انتهائي اهم موضوع تي ڊي بيٽ (بحث) ڪرڻ جو موقعو ڏنو. مان هتي اِهو هرگز نه چوندس ته منهنجو محترم دوست جن پنهنجي مؤقف ۾ غلط آهن. مان هتي پنهنجو مؤقف رکندس ڇاڪاڻ ته دوست انهيءَ تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته ”ها! بهتر آهي ته مثبت ڊسڪس ٿيڻ کپي“ ـــــــــــــ تنهن ڪري ئي مان هي پوسٽ ڪري رهيو آهيان. توهان سڀني دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجو مؤقف ”ڪمينٽس“ جي شڪل ۾ هن بلاگ ۾ ضرور پوسٽ ڪجو.

هيٺ محترم حبيب ساجد صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ ايم ايس اين تي ٿيل چيٽنگ جو متن پيش ڪجي ٿو:

Aftab says:

 

السلام عليڪم

Aftab says:

 

جيئي سنڌ

sukkursoft.com says:

 

Helo Dear ..

 

sukkursoft.com says:

 

Jaee ..sada jeeay

 

Aftab says:

 

توهان منهنجي بلاگ جي پوسٽ کي پنهنجي ياهو گروپ ۾ ڏنو، جنهن تي مون کي بيحد خوشي ٿي.

Aftab says:

 

ڇاڪاڻ ته اِهو سوال هميشه کان سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ رهيو آهي ته آيا پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي سڄڻ آهي يا نه!

sukkursoft.com says:

 

Ha bahtar ahe th positively discuss thiyan khape

Aftab says:

 

انهيءَ تي هڪ سٺو ۽ مثبت بحث ٿي سگهجي ٿو

sukkursoft.com says:

 

ha ma be likhee rahiyo ahiyan.. Post kandus

Aftab says:

 

 

تمام بهتر

Aftab says:

 

مان پنهنجي بلاگ ۾ انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ لکندس. جيڪو پڻ توهين اِتي پوسٽ ڪجو.

Aftab says:

 

 

انشاءِ الله مان پنهنجي هڪ الڳ پوسٽ پڻ ڏيندس انهيءَ حوالي سان

sukkursoft.com says:

 

bhtr

 

sukkursoft.com says:

 

هڪ دفحي سائين جي ايم سيد سان ڀٽو صاحب قومي اسمبلي ۾ مليو

۽ کائنس پڇيائين ته سائين ڪا تبديلي محسوس ڪيو پيا؟

سائين چيو ته … نه

ڀٽو صاحب چيو ته هن اسمبليءَ ۾ ڪو توهان سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهي.. اها تبديلي ناهي؟

Aftab says:

 

سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي هوندي منهنجا ڀاءُ. اصل ڳالهه آهي سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ! چوندا آهن ته ڌڪ اُهوئي هڻندو جنهن مان اميد نه هجي

اڄ جيڪڏهن الطاف حسين سنڌيءَ ۾ ڳالهائي ته ڇا توهين اُن کي سنڌ جو سپوت مڃيندؤ يا اُن جو عملي ڪردار ڏسندؤ؟

ڀٽو ازم ۽ سنڌ جو قومي فڪر هڪ ٻئي جي متضاد شيون آهن.

 

sukkursoft.com says:

 

na

 

Aftab says:

 

ڀٽو ازم اسٽيبلشمينٽ کي قائم رکڻ چاهي ٿو ۽ جڏهن ته سنڌ جو قومي فڪر هڪ آزاد سنڌو ديش چاهي ٿو

هڪ ۾ پاڪستان (مطلب ته پنجابي پناهه گير مفاد) جي خوشحالي جي ڳالهه آهي ۽ ٻي ۾ سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن جي مفادن جي ڳالهه آهي

sukkursoft.com says:

 

ان لاءِ پاڻ کي سنڌ جي هسٽريءَ ۾ نهارڻو پوندو ..اتي کوڙ سوالن جا جواب موجود آهن آفتاب

Aftab says:

 

سنڌ جي تاريخ گواهه آهي ته سنڌ کي سنگينن ۾ آڻڻ وارا پڻ سنڌي ڳالهائيندڙ پنهنجا سنڌيءَ هئا!

sukkursoft.com says:

 

 

هن وقت ته ٻئي ٽڪراءَ ۾ آهن

Aftab says:

 

 

اسٽيبلشمينٽ ۽ پي پي پي هميشه هڪ ئي آهن

sukkursoft.com says:

 

 

تڏهن ته بينظير شهيد ٿي

Aftab says:

 

اصل ۾ پي پي پي وفاق جي سياست ڪري ٿي. ۽ وفاق تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مفادن کي مدِنظر رکيو وڃي

بينظير جي شهادت آمريڪن جي ٻن دادلن جي ويڙهه جو نتيجو آهي. هڪ کي ته هر حال ۾ مرڻو ئي هو!

sukkursoft.com says:

 

*************

 

Aftab says:

 

اسين صرف غلط شعور جي ڪري پوئتي رهجي ويا آهيون. جيڪڏهن پي پي پي پاڪستان جي سياست نه ڪري ها ته اڄ سنڌ ۽ پاڪستان ٻه الڳ شيون هجن ها

71ع جي جنگ کانپوءِ، جڏهن پنجاب پنهنجي حيثيت وڃائي چڪو هو، ۽ 90 هزار پنجابي فوج هندستان وٽ قيدي بڻيل هئا، تنهن وقت ڀٽو ئي انهن کي آزاد ڪرايو ۽ پنجاب جي ايجنٽ طور هڪ دفعو ٻيهر پنجاب کي پنهنجيءَ عروج ۾ آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو

۽ ”سنڌي هجڻ“ سندس لاءِ هڪ بلينڪ چيڪ ٿي ويو ۽ هو جنهن وقت چاهيندو هو پنجاب جي مفادن کي بچائڻ لاءِ اُنهيءَ چيڪ کي ڪيش ڪري وٺندو هو

sukkursoft.com says:

 

Aftab .. this is your opinion… i dont think so…… You are looking too rigid

rigidity kadenh be facts na dekharende ahe…

 

Aftab says:

 

هٽ پرستيءَ کان هٽي ڪري، جيڪڏهن توهان کليل دماغ سان منهنجيون ڳالهيون ٻيهر پڙهي ڏسو ته شايد اِهي توهان کي حقيقت لڳن

sukkursoft.com says:

 

 

سنڌ جي تاريخ جي وري لکڻ جي ضرورت آهي

Aftab says:

 

 

توهان پيپلز پارٽي جي تاريخ پڙهي ڏسو

Aftab says:

 

تاريخ چرچو ناهي هوندي جو هر زماني ۾ ٻيهر لکي وڃي. تاريخ لکجي چڪي آهي، انهيءَ کي ڪير به تبديل ڪري نه سگهندو!

sukkursoft.com says:

 

 

نه تاريخ کي وري لکڻ جي ضرورت آهي

Aftab says:

 

توهان سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”سنڌو جي ساڃاهه“ پڙهي ڏسو جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪردار کي ننگو ڪري ڏيکاريو ويو آهي

sukkursoft.com says:

 

saen (G.M) sutho siyasee rahnuma na huyo..bas sutho lekhak (ليکڪ) and soofi huyo

Aftab says:

 

سائين ڀٽي جي دؤر ۾ ئي ته سنڌ جا ڪيترائي ادبي رسالا جنهن ۾ سهڻي ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا شامل هئا، تن تي بينڊز لڳايون ويون

اِهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته سائين جي ايم سيد جو موت به ”سنڌ راڻي“ جي حڪمرانيءَ وقت نظربنديءَ جي حالت ۾ ٿيو هو

”سنڌ راڻي“ ڪڏهن پنهنجي حياتيءَ ۾ ”جيئي سنڌ“ جو نعرو هنيو! !

هڪ ڳالهه ياد رکجو ته پاڪستان جي سياست مطلب ته سامراج لاءِ پتوڙڻ ۽ اُن کي مضبوط ڪرڻ

بينظير ٻه دفعا حڪمران ٿي، ڀٽو هڪ دفعو انتهائي طاقتور حڪمران ٿيو هو، پر ڇا اُنهن سنڌ کي رائلٽي ڏني؟ صوبائي خودمختياري ڏني؟ سنڌ کي سندس آئيني حق ڏنا؟

باقي جيڪڏهن ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪريون ڏنيون ويون، ته اُهي ائين آهن جيئن مان توهان کان پنجاهه رپيا وٺي صرف ڏهه رپيا احسان طور واپس ڪريان!

Aftab says:

 

 

سائين هاڻ مان اجازت چاهيندس

الله واهي ــــــ جيئي سنڌ

ڌرتي دين ڌرم

February 17, 2008

    ڌرتي دين ڌرم. ڌرتي دين ڌرم. ڌرتيءَ جي نانءُ تي هزارين ڪونڌرن جا ڪنڌ ڪپيا ويا. هزارين ليڊرن پنهنجيون ٽجوريون ڀريو. ڇاڪاڻ ته ڌرتي دين به آهي ته ڌرم به! پر افسوس جو ڌرتيءَ کي دين ۽ ڌرم جو درجو صرف عوام ئي ڏنو آهي. ۽  ڪجھه سياسي ليڊر پنهنجيون ٽجوريون ڀرين ٿا ۽ ڪجھه گذري ويلن جي نانءُ تي پنهنجي سياسي دڪان چمڪائن ٿا!

    منهنجا دوست! ياد رکجانءِ. اسان جون هيءُ زندگيون رڳو ٺٺوليون آهن. ويندڙن جي پويان لڙڪ هارڻ اسان جو پيشو آهي. ٽيون ڏينهن اسين آزاد هئاسين، ڪالهه انگريز بادشاهه جي زيرِ اثر عظيم هندستان جو حصو هئاسين، ۽ اڄ ڪاري انگريز جي زيرِ اثر پاڪستان جي هڪ صوبي جي عوام آهيون. ٻهراڙيءَ ۾ مٽيءَ سان راند کيڏندڙ ٻارڙيءَ کي انهيءَ سان ڇا ته اسين آزاد آهيون يا غلام؟ هُن کي پاڪستان سان؟ هندستان سان؟ يا وري آزاد سنڌو ديش سان ڇا؟ هُن جو پيءُ ٽيون ڏينهن به هاريءَ هو، ڪالهه به هاريءَ هو ۽ سڀانءَ هُو به هاري ٿيندو. ٽيون ڏينهن جڏهن سنڌ آزاد هئي. ”آزاد“ حاڪمن جي حڪمراني هئي. ڪلهوڙا، سومرا ۽ ٽالپر اسان جا حڪمران هئا. تڏهن به اسين غريب هئاسين، ساڳيا ئي سارو سال هر هلائي به ٻه ويلا مانيءَ کائڻ کان مجبور هئاسين. ڪالهه انگريز بادشاهه جي حڪمرانيءَ ۾ به نوابن ۽ وڏيرن جا نوڪر ۽ سارو سال محنت جي باوجود سندن خيراتي ٽڪرن تي پلجندڙ هئاسين. ۽ اڄ به ڪاري انگريز جي حڪمرانيءَ ۾ اسين بي گناهه ڪُسجون ٿا! سارو سال محنت، مشقت ۽ پگهر کي سون ورني سنگ ۾ بدلائڻ باوجود به بکيا رهون ٿا. ايوان ساڳيا رهيا. حڪمران ساڳيا رهيا. ڪالهه به اسان جي ڪمائي اسان جو نواب کائيندو هو، اڄ به اسان جي ڪمائي اسان جو نمائندو کائي ٿو. ڇا فرق رهيو آهي آزاديءَ ۽ غلاميءَ ۾؟

    ڪالهه جڏهن سنڌوءَ درياهه پنهنجي مؤجن ۾ هوندو هو ۽ کيس ”درياههُ بادشاهه“ چوندا هئاسين. تڏهن سندس ئي پيٽ کي چيريندي ظالم اسان تي مسلط ٿيندا هئا. اڄ جڏهن سنڌوءَ درياهه سڪل آهي ۽ سندس پيٽ ۾ واريءَ واڪا ڪري رهي آهي. تڏهن به اسين مظلوم آهيون. ”رب ڏني“ جو پيءٌ ڪالهه به بک وگهي مئو هو ۽ اڄ جي دؤر جي ”رب ڏني“ سان به ساڳيءَ ڪار آهي. هن ڪالهه به وڏيرن ۽ نوابن ڪاڻ زندگيءَ ڏني هئي ۽ اڄ به هوءَ قبيلي ڪاڻ پنهنجي حياتيءَ جو بليدان ڏيئي پيو.

    ڪٿي پڙهيو هيم ته ”سهڻو چهرو ۽ ڊگھو قد ڏاڍو وڻندڙ آهي. نازڪ ڳاڙهن چپن جي چُمي ڏاڍي مٺي آهي. پر جڏهن اهو وڻندڙ چهرو ۽ ڊگھو قد، نازڪ ڳاڙها چپ مِٽي ۽ ڪنئين جي خواڪ ٿي ويندا آهن، تڏهين دل کي ڪيڏو نه صدمو رسندو آهي. هي ڌرتي ڏاڍي سهڻي آهي! ۽ ڌرتيءَ جا نظارا ڏاڍا وڻندڙ آهن. پر ان ڌرتيءَ تي رهڻ وارا هڪ ٻئي جي رت جا اُڃا آهن ۽ هنن باغن کي بي گناهن جي رت جو ريج مليل آهي! جيتوڻيڪ آسمان نيرو آهي، پر اُڃي جي سُڪل چپن وانگر فرياد ٿو ڪري. سچ چوندا آهن ته نئون ڄاول ٻار جڏهين دنيا ۾ ايندو آهي ته رئندو آهي . . . حواس ۽ خواهشون آرزوئن جي آڳ جلائيندا آهن ۽ ان آڳ ۾ شهوت ۽ لالچ جا شعلا بلند ٿيندا آهن.     هي دنيا رنگ ڀومي (اسٽيج) آهي ۽ اسين سڀ ويس ڌارِي. ڏوهه نه وئشيا ۽ نه ئي برهمڻ جو! پر ڏوهه ان ليکڪ جو، جنهن زندگيءَ جو هي بي معنى ناٽڪ لکيو آهي.“

    اسين هميشه کان مجبور رهياسين. هميشه لُٽجندا رهياسين. گهر کي باهه لڳڻ مهل اِهو به ڏٺوسين ته باهه ڏيڻ وارن سان گڏ گهر جو وڏو به شامل هو! اڄ جيڪڏهن ڪير آزاديءَ جو نانءُ وٺي ٿو، اڄ جيڪڏهن اسان مان ڪير هڪ نئين آزاد سنڌو ديش جي ڳالهه ڪري ٿو، انهيءَ جا سپنا ڏسي ٿو، انهن کي ساڀيان ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو، ته اُهو شايد ديوانو ٿي سگھي ٿو. انهيءَ جا سپنا، انهيءَ جا خواب ديواني جا خواب ئي ٿي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌو ديش ٺهي يا نه ٺهي، پرائمري اسڪول جو ماستر ٽن هزار رپين جي پگهار تي اڄ به ڪم ڪندو ته سڀانءَ به ڪندو! کيس ڪهڙي ضرورت ته اجايو وڃي نانگ جي ٻِر ۾ مُنهن وجھي!

    منهنجا دوست! جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ حيف آهي تو تي ۽ تنهنجي زندگيءَ تي. اِهو سچ آهي ته اسان جي زندگيءَ هڪ ٺٺولي بڻجي ويئي آهي. اسان جي زندگين سان سياستدان شطرنج جي مهرن جيان کيڏندا رهن ٿا. پر اِهو هميشه ناهي رهڻو. ڇا ٿيو جو مُهن جو دڙو اڄ موجود نه آهي! سندس آثار ته موجود آهن نه! سندس وارثي جي دعوى ڪندڙ 5 ڪروڙ سنڌيءَ ته موجود آهن! انسان هميشه کان تنزليءَ کان ترقيءَ ڏانهن وڌندو آهي. قومون هميشه تنزلي کان ٿينديون ترقيءَ ڏانهن گامزن ٿينديون آهن. ڪيترائي ڏک، اهنج ۽ گهاوَ سهڻ جي باوجود به قومون پنهنجو تشخص برقرار رکنديون آهن. پر منهنجا دوست! توهان ۽ اسان سنڌين انهيءَ ڳالهه کي ڪا به اهميت نه ڏني. اسين اڄ به ڪلاس روم ۾ پنهنجي شاگردن کي اِهو ئي سيکاريندا آهيون ته اسين آزاد آهيون. اسان جي وڏڙن وڏين قربانين سان پاڪستان حاصل ڪيو ۽ اِهو اسان جو پيارو وطن آهي! اسان ڪڏهن به مياڻيءَ جي جنگ جو تذڪرو نه ڪيو ته جڏهن حاڪم پنهنجن محلاتن ڏي ڀڳا هئا، تڏهن عوام جنگ جوٽي هئي. اسان ۽ توهان جھڙن ماڻهن جي قربانيءَ، انهيءَ جنگ ۾ اسان سنڌين جا هوشوءَ جھڙا ڪونڌر ڪُٺا هئا. جوانيءَ جي البيلي مستيءَ ۾ مست رهندڙ پريمي پنهنجي سنڌ خاطر پنهنجي پرينءَ کي ڇڏي آيا هئا.

    سارو سال محنت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن فصل پڪا هئا تڏهن اسان سنڌين فصلن جي لاباري بدران پنهنجن سِرن جي لاباري کي ترجيح ڏني هئي. ڇاڪاڻ ته اُن وقت ڌرتيءَ جھولي جھلي پنهنجي آزاديءَ جي ڀيک گھري هئي. پر افسوس! اسان کي پنهنجن نصيبن ۾ سچي تاريخ به نه ملي سگهي! افسوس صد افسوس! اسين ته پنهنجي جوڌي هوشوءَ جي قبر جا اَهڃاڻ به حاصل ڪري نه سگهياسين. ڪير ٿو چوي ته اڄ بُک مرندڙ سڀان لاءِ به بک مرندو! حالات ڪڏهن به هڪجھڙا نه هوندا آهن. جيڪڏهن تون چوين ٿو ته پاڪستان جي اندر رهي ڪري به اسين گذر سفر ڪريون پيا ته اسان کي ڪهڙيءَ ضرورت ته هڪ الڳ ۽ آزاد ديش لاءِ جاکوڙيون ته تون ڪوڙو آهين!

    ڇا  تون ڪڏهن سجُ کان پُڇيو آهي ته تون روز پرهه ڦٽي مهل ڇو ٿو اُڀرين؟ يا ڪنهن ڪويل کان پڇيو اٿئي ته تنهنجي ڪوڪ ۾ اهڙو درد ڇو سمايل آهي! جهڙيءَ طرح اِهي سڀ فطري اصول آهن. ڪويل ڪڏهن به ڪوڪ جي علاوه ٻي ڪا ٻوليءَ نه ٻولي سگهندي تهڙيءَ طرح اسان سنڌين جي دُکن، دردن ۽ اَهنجن جي دوا خود اسان وٽ موجود آهي، ۽ اُهو آهي هڪ آزاد ديش جو وجود. اڄ جي پاڪستان جي سياست صرف چند خاندانن جو کيل آهي. ڪڏهن شريف خاندان ته ڪڏهن ڀٽو خاندان! ڪڏهن فوجي جنرل ته ڪڏهن سول ڊڪٽيٽر! دوست! سڀ ٺڳيءَ جا ٺاهه اٿئي!

    ته پوءِ ڇا اسين سياست کان مُنهن موڙي ڇڏيون؟

    نه هر گز نه! اسان سنڌين کي سياست جي ميدان ۾ اڳي کان به اڳڀرو ٿيڻ گهرجي. بنگالي پڻ سياست جي هر محاذ تي اڳڀرا هئا، پنهنجي پاڻ ۾ ٻڌي هئائون، تڏهن ته ايترو جلد آزادي ماڻي هِن جهنم مان نجات حاصل ڪيائون. اسان کي به روايتي ويڪائو ۽ ضمير فروش ليڊرن ۽ سندن پارٽين ۽ خانداني پارٽين کان اعلانِ بغاوت ڪرڻ گهرجي. انتهائي معذرت ۽ ڏُک سان مون کي چوڻ ڏيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پڻ اڄ تائين ڪو خاص ٻوٽو ناهي ٻاريو! ۽ اِهو ته محترمه بينظير ڀٽو پڻ ”سنڌ“ جي سڄڻ نه هئي! ٻه دفعا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ سنڌ جي نياڻيءَ سنڌ لاءِ ڇا ڪيو هو!! ياد رکو ته وفاق ۽ سنڌ ٻه الڳ ۽ متضاد شيون آهن. سنڌ ۽ وفاق ۾ تضاد ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندو. باقيءَ رڳو قومي ترانن، اسلام ۽ ”جيئي جيئي“ جي نعرن سان انسان کي جذباتي ته ڪري سگهجي ٿو، پر سندس بُک کي نٿو ماري سگهجي. سندن گهرجن کي سَکڻن نعرن سان پورو نٿو ڪري سگهجي. اِهو سچ آهي ته پاڪستان هن وقت هڪ حقيقت آهي ۽ سنڌو ديش هڪ خواب. پر انشاءِ الله وقت جي ڦرڻي ٻيهر ڦرندي ۽ هوائن ۾ ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪندا نظر ايندا. ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مُلڪ جي حيثيت ۾ اُڀرندي.

    آزاديءَ ڪڏهن به بيک ۾ نه ملندي آهي! ۽ نه ئي ديوارن ۽ ڪتابن ۾ ”جيئي سنڌو ديش“ چوڻ سان! آزاديءَ عمل سان ملندي. جاڳرتا سان ملندي. جيستائين سنڌ جو نوجوان طبقو سنڌو ديش جي لاءِ اڳتي نه وڌندو تيستائين سنڌو ديش صرف ۽ صرف هڪ خواب رهندو. تنهن ڪري اسان سڀني سنڌين کي گهرجي ته سنڌو ديش جي شعور کي هر ممڪن ذريعي سان ماڻهن تائين خاص طور تي نوجوانن تائين پهچايون. جنهن ۾ انٽرنيٽ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

بي نام

August 19, 2007

 

    هڪ وڏي عرصي کان پوءِ بلاگ کي وزٽ ڪيو اٿم. انهيءَ وچ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترا ئي واقعا ٿيا، ڪي سياسي افق تي ته ڪي وري منهنجي دل جي ڌرتيءَ تي. ڪي واقعا ٽي وي جي اسڪرين تان ڏٺم ته ڪي واقعا اکين سان پنهنجي سامهون ٿيندي ڏٺم. پر الائيءَ ڇو چاهيندي به بلاگ لاءِ ڪجھه نه لکيم.

    هيءُ زندگي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن صحرا ۾ برسات وانگر ٽِڙي پوندي آهي ۽ خوشين سان ڀريل يادون ڪنهن مور وانگر پَر کولي ذهن جي واريءَ تي نچڻ لڳن ٿيون. ۽ ڪڏهن وري ذهن جي پردن تي ويساهه گهاتين، بدگمانين، بهتانن، ۽ پنهنجن جا گھاوَ ئي نظر ايندا آهن. اُنهيءَ وقت ذهن ۾ ڪٿي به ڪا خوشيءَ جي پالوٽ ٿيندي نظر نه ايندي آهي. پر چوندا آهن ته خوشيءَ ۽ غميءَ ٻئي زندگي جا حصا آهن. خوشيءَ جي بغير غم اڌورو آهي ته غم جي بغير خوشي پڻ اڌوري آهي.

    ڪڏهن ڪنهن وقت شيخ اياز چيو هو ته

اکيون عاشقن جون اُڃايل اُڃايل
دليون درد واريون، دُکايل دُکايل
هئي جاه و دولت جي ڪُوڙي ڪهاڻي
جهان ۾ رهيا نِينهڙا ڪجھه نڀايل نڀايل

    ۽ انهيءَ ڪُوڙي ڪهاڻي جي عيوض ڪن زندگين ۾ اُداسين جيام شام اچيو وڃي ۽ ڪن زندگين ۾ وري ٽهڪن جي پالوٽ ٿيو وڃي. ڪي زندگيون لهندڙ سج جيان شفق تي پنهنجيون اڌوريون حسرتون پاڻ سان کڻي وري رات جي آغوش ۾ اچيو وڃن ۽ ڪي زندگيون وري لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ ڪئي روپ نکارين ٿيون. حياتيءَ ۾ ائين الائيءَ ڇو ٿيندو آ ته ڪي انسان ڪنهن جي باري ۾ تمام بي حس ٿيو وڃن ته ڪي وري ڪنهن جي باري ۾ حد کان وڌيڪ حساس! ۽ ائين به الائيءَ ڇو آهي ته بي حس کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿو وڃي.

    اِهي ڳالهيون شايد توهان کي بغير ڪنهن مطلب جي لڳن، پر انهن جي به هڪ حقيقت آهي. . . . . . . . وري ٻئي واري ملنداسين. الله واهي!

طوفان، تباهي ۽ واهر

July 3, 2007

rain in pakistan 

  مٿين تصوير زندگيءَ لاءِ واجھائيندڙ ٻوڏ ۾ ڦاٿل انهن انسانن جون آهن جن جي واهر ڪيترن ئي ڪارڻن جي ڪري نه ڪئي ويئي آهي. حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته هيتري تباهه ڪن بارشن کان پوءِ به ڪنهن سطح تي به انهن ماڻهن جي ريليف لاءِ ڪا رٿا نه رٿي ويئي آهي. حڪومت تي ته ڪڏهن به ڪائي ميار ڏئي نٿي سگھجي. ڇاڪاڻ ته عوام جي ڀلائي ڪرڻ اسان جي حڪومت جي ڪمن جو حصو ئي ناهي. باقي جيڪو ٿورو گھڻو ڪم حڪومت احسان طور ڪري رهي آهي تنهن تي اسين سڀ احسان مند آهيون. هِن وقت بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ چؤطرف پاڻي ئي پاڻي آهي. ماڻهو گھرن جي ڇِتن تي چڙهي ڪري جان بچايو ڪنهن آسري ۽ واهر لاءِ واجھائي رهيا آهن. اِهي شايد سوچي رهيا هوندا ته الائي ڇو اُهي واهرو نڄاڻ ڪٿي آهن جنن جي اسان کي اميد هئي ته اچي ڪري اسان جي ٽٽل گھرن مان اسان کي کڻي محفوظ جڳهه تي پهچائيندا. اُهي واهرو به الائي ڪٿي آهن جيڪي اسان ٽن چئن ڏينهن کان بکايل ماڻهن کي ڪو کاڌو ڏيندا. . . هيءُ ٽي وي ته الائي ڪهڙي جڳهه ڏيکاري پئي وڃي جتي رڳو ريليف ئي ريليف آهي. ادا اسان وٽ ته ڪجھه ئي ناهي ٿيو . . . پوءِ هي هيتريون دعوائون ڪهڙي ملڪ وارا ڪن پيا؟

    هيءُ هو بلوچستان جي آفت زده علائقن جو هڪ منظر.

   اچو ته ٿورو منظر کي پوئتي وٺي هلون. اٺ آڪٽوبر تي پنجاب ۾ زلزلو آيو. ڪجھه ئي عرصي ۾ ٽي وي سڪرينن تي اِهي پيغام شروع ٿي ويا ته بي گناهه ماڻهن جي واهر ڪيو. اِهي توهان جا مسلمان ڀائر آهن. جڳهه جڳهه تي ڪيمپون لڳي ويون. ڪٿي جماعت اسلامي وارا ”اسلامي اخوت اور ڀائپي“ ۽ ”سڀ مسلمان ڀائي ڀائي آهين، اپني ڀائيون ڪي مدد ڪرو“ جي نالي تي ڪيمپ لڳايو ويٺا آهن ته ڪٿي وري ايم ڪيو ايم وارا ”پاڪستاني ڀائيون ڪي مدد ڪيجئي“ جي نانءُ تي امداد وٺڻ شروع ڪري ڏني. ۽ اِها امداد زلزلي سٽيل علائقن ۾ ڪافي قدر ورهائي به وئي.

    پر هِتي ڇاڪاڻ ته معاملو ئي ٻيو آهي. هِن واري آفت سٽيل اسان جا پنجابي مسلمان ڀائر نه پر ”بلوچي شر پسند“ آهن. تنهن ڪري ئي شايد جماعت اسلامي جو اسلامي اخوت جو جذبو جاڳي نه سگھيو آهي. ”ڏسو نه الله به اسان سان گڏ آهي. پاڪستان جيڪو اسان جو قومي ملڪ آهي تنهن کي ٿي اِنهن شر پسندن ٽوڙڻ ٿي چاهيو! الله جي عذاب کان نه ڊڄيا تنهن ڪري ئي ته الله پنهنجو عذاب نازل ڪيو آهي. انهن ماڻهن جي مدد ۽ مالي سهائتا ڪرڻ ڪفر آهي.“ ٿي سگھي ٿو ته جلد ئي اهڙو ڪو بيان ڪنهن مُلي جي واتان نڪري وڃي.

   تڏهن ئي ته ريليف نه ملڻ خاطر بلوچستان جي هڪ ننڍڙي علائقي ۾ شاگردن مظاهرو ڪيو جنهن ۾ انهن نعرو ئي اِهو هنيو ته ”نه کپي نه کپي پاڪسان نه کپي.“ ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي . . . ۽ انهن ڳالهين جو توهان ڪهڙو مطلب وٺو ٿا، اِهو اوهان تي منحصر آهي . . .

ماهوار ايڊيشن

June 7, 2007

    وائيس آف سنڌ جي ويب سائيٽ کي شروع ٿيئي تقريبن ٽي سال ٿيئڻ وارا آهن. انهن ٽن سالن ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون مليون ته انهيءَ سان گڏوگڏ خوشيءَ، سڪون ۽ حوصلو به مليو. دوستن طرفان سڄي جھان مان ملندڙ اي ميلز پڙهي بيحد خوشي محسوس ٿيندي هئي. ڪيترن ئي دوستن ته اِهي وچن به ورتا ته مان انهيءَ سائيٽ کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس ۽ هميشه لاءِ انهيءَ ادبي مشن کي جاري رکندس. مطلب ته موٽ ۾ جيڪا اسان کي ميٺ محبت ۽ پنهنجائپ ملي، اسان جي لاءِ اِهو ئي پنهنجي زندگيءَ جو بهترين سرمايو آهي.

    وائيس آف سنڌ اسان جو ذريعو معاش ناهي. زندگيءَ جي سفر کي ڪٽڻ لاءِ انسان کي ڪيتريون ئي محنتون ڪرڻيون پونديون آهن. اسان جي اديبن جيڪو به ادب تخليق ڪيو آهي ته اُهو به پارٽ ٽائيم ۾ ڪيو آهي. تقريبن سڀني وڏن توڙي ننڍن اديبن جي معاش جو ذريعو ادب ناهي بلڪه ڪا سرڪاري يا پرائيوٽ نوڪري ئي آهي. پر تنهن هوندي به اسان جي اديبن کي جسُ هجي ته انهن تمام ٿورڙي وقت ۾ به تمام بهترين ۽ جَجھو ادب تخليق ڪيو آهي. وائيس آف سنڌ ۾ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته اسان سنڌيت جو عيوضي ۽ معياري ادب ئي شائع ڪريون. ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ اسين ڪافي حد تائين ڪامياب به ويا آهيون.

    جيئن ته هر انسان جون ڪجھه مصروفيتون هونديون آهن، ڪجھه مجبوريون هونديون آهن. انهيءَ ڪري ويب سائيٽ کي هر پندرهين ڏينهن شائع ڪرڻ ۾ اسان کي ڪافي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. مئٽرڪ جا امتحان ڏيڻ کان پوءِ مون به فرسٽ ائير يعني ڪاليج جي دنيا ۾ پير پائي ڇڏيا آهن. ۽ ٻئي طرف اشفاق کي به هڪ سنڌي اخبار جي ڪمپوزنگ جي نوڪري ملي ويئي آهي. تنهن ڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ ويب سائيٽ کي مهيني وار شائع ڪريون. اسين تمام گھڻي ڪوشش ڪنداسين ته انهيءَ مهيني وار ايڊيشن ۾ وڌ کان وڌ لکڻيون، ڪهاڻيون ۽ شاعري پبلش ڪريون. اسان جي اِها به ڪوشش رهندي ته هر مهيني يا هر ٻن مهينن کان پوءِ هڪ سنڌي ڪتاب پڻ اپ لوڊ ڪريون. ۽ اِهو سڄو ڪم اسان توهان جي سهڪار جي بغير ڪنهن به صورت نٿا ڪري سگھون. تنهن ڪري توهان به پنهنجيون يا پنهنجي پسند جون لکڻيون، ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪتاب وغيره موڪليو ته جيئن سنڌي ادب جي انهيءَ قافلي کي اڳتي وڌائجي.

نئين سنڌي نسل کي

May 22, 2007

 ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا وڌندڙ سنڌي قافلا! جيڪي پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا. 14 آگسٽ تي يومِ آزادي، 23 سيپٽمبر تي يومِ دفاع ۽ 25 ڊسمبر تي ”اي قائداعظم تيرا احسان!“ ملهائڻ وارا ڪامياب سنڌي نسل!
    توهان اونداهين جا پوڄاري آهيون. توهان کي ڪهڙيءَ خبر ته آزادي ڇا هوندي آهي؟ پنجابين ۽ مُهاجرن جا بوٽ چٽا ۽ کين ”ڀائي ڀائي“ چوڻ وارن کي ڪهڙيءَ خبر ته ”سنڌو ديش“ ڇا آهي؟ ننڍپڻ کان ٽافيون ۽ ”لولي پاپ“ کائڻ وارن کي سنڌ جي کٽومڙن ۽ پينوءَ جي لذت جي ڪهڙيءَ خبر! ”25 لک مسلمان بنگالين کي شهيد ڪندڙ پاڪ فوج تجهي سلام! تيري عظمت ڪا ڪرون مين ڪيا بيان!“ روشنين ۾ رهندڙ اونداهين جا مسافر! جيڪي راشد منهاس، ميجر عزيز کي ته هر وقت سلاميءَ ڏين ٿا پر کين پنهنجي سنڌي شهيد ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي نانءُ جي به خبر ڪانه هوندي. سنڌوءَ درياهه ۾ ارڏين ۽ البيلين ڇولين جي بجاءِ واريءَ جا طوفان ڏسي هڪ پل لاءِ به سندن اکيون نم نٿيون ٿين. اسلامي انقلاب لاءِ آتا سنڌي، جنن کي سنڌ تي لڳل راتاهن جي به خبر ڪانهي! هر گھڙيءَ ڀارت جي هندن سان جھاد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن کي ڪهڙيءَ خبر ته پاڪستان ۾ قرآن جي نانءُ تي ڌوکو ڏيئي بلوچ سردارن کي قتل ڪيو ويو. اسلام جي سالميت جي بچاءُ لاءِ 25 لک بنگالين، هزارين بلوچن ۽ سنڌين جي رتُ کي پاڻي وانگر وهايو ويو. توهان جيڪي سنڌ لاءِ نامرد ٿي چڪا آهيو، تن کي ڪهڙيءَ خبر هوندي ته ٿر جي سُڪل واريءَ، پنهنجي اندر ۾ ڪيتري گرمائش رکيو ويٺي آهي. ڪشمير ۾ (اڻ) ٿيندڙ ظلمن لاءِ واويلا ڪندڙ سنڌين لاءِ رسول بخش بروهيءَ جو لاش ڇا معنى ٿو رکي؟ توهان جيڪي پنهنجي اٻوجھائيءَ ۽ بي شعوري سبب اهڙن ماڻهن جي پوئلڳي ڪري رهيا آهيو جنن جي هٿ ۾ قرآن ۽ ڪڇ ۾ ڪاتيءَ آهي.
    توهان جنن جي اکين تي مذهب جي ڪاري پٽيءَ ٻڌل آهي، توهان کي ڏسي جيجل ماءُ سنڌڙيءَ ڇا سوچيندي هوندي؟ رتن سنگھه سوڍل جو اُتاولو روح اوهان کي ڪهڙي لقب سان پڪاري؟ جينز ۽ پينٽ شرٽ پائيندڙ سنڌي نياڻين ڪڏهن گاج وارا سنڌي ”پڙا“ پاتا هوندا؟ توهان اسان جي ثقافت کي ’سون ٻائيءَ‘ مان ڦيرائي ‘ميلوڊي شو‘ بنايو آهي!
    پر مون کي پڪ آهي ته توهان جي رڳن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور سنڌيت جو رت موجود هوندو. اڄ نه ته سڀاڻيءَ مهراڻ جي ڪنڌيءَ تان گذرندي توهان پنهنجي باري ۾ ضرور سوچيندا. مذهبي ڪٽرپڻيءَ جون بنيادون چند لمحن ۾ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي پونديون. ۽ جنهن ڏينهن پهريون دفعو توهان اجرڪ کي ’سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻ‘ طور پهريندا ته انهيءَ ڏينهن جيجل توهان ڏانهن مُرڪي توهان کي معاف ڪري ڇڏيندي. انهيءَ ڏينهن اونهاري جي گرمائش توهان جي سنڌيت جي جذبن کي وڌيڪ جلا بخشندي ۽ روپلو توهان کي ڀاڪر پائي پنهنجو ايندڙ جانشين قرار ڏيندو. مون کي پڪ آهي ته اِهو ڏينهن ضرور ايندو، ضرور ايندو. پر ڪڏهن؟ انهيءَ جي خبر ناهي!

اصول ۽ مقصد

May 16, 2007

    ”زندگيءَ ۾ انسان ڪي اصول ٺاهيندو آهي ۽ اُنهن کي پنهنجيءَ زندگيءَ جو سرمايو سمجھي، اُنهن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؛ پوءِ کڻي انهن اصولن تي هلندي، کيس زندگيءَ ان ڪو به لاڀ پلئه نه پوي. پر اُهو انسان پنهنجي انانيت کي تسڪين ڏيڻ لاءِ پنهنجي اُنهن بيجان اُصولن سان چُهٽيو پيو هوندو آهي. ساڳيءَ ريت قومون، تنظيمون ۽ تحريڪون به ڪي اُصول مرتب ڪنديون آهن. زندگيءَ جي ڊوڙ ۾، جدوجھد جي واٽ ۾ اُهي اصول انهن کي ڀلي وِک وِک تي شڪستن جي اوڙاهه ۾ اُڇلائيندا رهن، پر پوءِ به اُهي انهن اصولن سان چنبڙيل ۽ چُهٽيل رهڻ کي پنهنجي سوڀ ۽ وڏي جيت سمجھڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا هونديون آهن؛ پنهنجن اصولن ۾ ڪا به تبديلي يا ترميم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه هونديون آهن. اُنهن جو رات ڏينهن نعرو هوندو آهي ته اسان اُصولن تي ڪا به سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. حقيقت ۾ اها سندن ڀُل هوندي آهي. جيڪڏهن پراڻا اصول بيڪار ٿي چڪا آهن ۽ اُهي ڪا به سوڀ ڏياري نه سگھيا آهن، ته اُنهن کي ڇڏي، نوان اصول مرتب ڪري، انهن تي هلڻ گھرجي. جھڙيءَ ريت اُصولن تان ڦرڻ کي غداري سڏيو ويندو آهي، اهڙي طريقي سان مُدي خارج نظرين يا اُصولن سان چُهٽيو رهڻ وڏي نااهلي ۽ نالائقي آهي.“

    مٿيون جملو عبدالواحد آريسر جي ڪتاب ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ تان کنيل آهي. انفرادي طور تي ڪو شخص پنهنجي زندگيءَ جا اصول پنهنجي پاڻ کي سڪون ۽ آرام مهيا ڪرڻ لاءِ ٺاهيندو آهي. ڪجھه عرصي تائين ته اُهي اصول شايد اُنهيءَ شخص کي سڪون مهيا ڪندا رهن پر اڳتي هلي ڪري اُهي اصول فرسوده ٿِيو وڃن. انهيءَ صورتحال ۾ گھرجي ته پنهنجن پراڻن اصولن کي ٿُڏي نوان اصول ٺاهي. پر اڪثر ائين نه ٿيندو آهي. ڪجھه عرصي کان پوءِ انسان جا ٺاهيل اصول ئي انسان کي ڪاريهر بڻجي ڏنگيندا رهندا آهن. انسان پنهنجي پاڻ کي اصول پسند سڏائڻ لاءِ زندگيءَ ۾ وِک وِک تي وهه جا ڍڪ پيئندو رهندو آهي. اِهي ڳالهيون اجايون انسان کي تڪليف ۾ وجھن ٿيون. اصولن جي بجاءِ جيڪڏهن مقصد کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ته جيڪر ايترا ڪشالا نه ڪڍڻا پون. ڪيتريون ئي تنطيمون ٺاهيون وينديون آهن جيڪي هر روز اِهو اعلان ڪن ٿيون ته اسان پنهنجن اصولن کان ڪڏهن به مُنهن نه موڙينداسين. پر انهن ڀوڪن کي خبر ناهي هوندي ته اصل شئيءَ اصول نه پر ”مقصد“ هوندو آهي، منزل هوندي آهي. اُصول ته صرف منزل تائين پهچڻ جو هڪ رستو هوندا آهن. پر پراڻن اصولن کي ئي هر وقت ورجائڻ سان منزل حاصل ڪرڻ ته ڏور، پر منزل خود توهان کان پري ڀڄندي. مولانا ابوالڪلام آزاد چيو هو ته جيڪڏهن توهان جا مقرر ڪيل اصول مقصد ماڻن ۾ ناڪام ويا آهن ته انهن کي ڇڏي ڏيو؛ ڇو ته سدائين عظيم ۽ اعلى شيءِ جي ڀيٽ ۾ گھٽ شيءِ ڇڏڻي پوندي آهي.

    پاڪستان ۾ توهان جنهن کي ڏسندا اُهو پنهنجي پاڻ کي اصول پسند پيو سڏائيندو. جنهن پارٽيءَ کي ڏسو ته اِها ئي وائي ورجائيندي رهندي ته اسان جا اصول، اسان جا اصول! اصولن جي اهڙين فصلن متعلق امرتا پريتم ڪڏهن لکيو هو ته ”اسان جي ملڪن ۾ جيترو فصل اصولن جو تيار ٿيندو آهي، اوترو جيڪڏهن ڪڻڪ جو فصل تيار ٿئي ته اسان کي مغرب وٽ اناج لاءِ جھولي جھلڻ جي ڪا به ضرورت نه رهي. ڪاش! اسان جا سياستدان ۽ دانشور اصولن جي پوک تي مغز ماري ڪرڻ بجاءِ ڪو ٻنيءَ ٽُڪرو کيڙين.“

اتهاس جو حصو بڻجندڙ هڪ قهري ڏينهن

May 13, 2007

جيئي سنڌ،
          گذريل ڏينهن ٽي وي تي ڪراچيءَ جو منظر ڏسي حيران رهجي ويس. يقين ئي نه پئي آيو ته هي اُهوئي ڪراچي آهي جتي امن و امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 8 هزار پوليس ۽ رينجرز جا همراهه موجود آهن. هر طرف کليل غنڊا گردي جو راڄ پئي نظر آيو.
        ڪراچي ۾ جيڪو ٿيو، اِهو سڀ پهرئين کان طئي شده منصوبي ۽ سازش تحت ٿيو ۽ اِها سازش ٻئي ڪنهن نه پر سڀ کان وڌيڪ پِٽڪو ڪندڙ جماعت ايم ڪيو ايم ئي ڪئي هئي. متحده قومي مومنٽ ماضيءَ ۾ به ڪيترن ئي دفعا دهشتگرد هجڻ جو ثبوت ڏيئي چڪي آهي. اسيمبليءَ ۾ هڪ عورت ميمبر کي مار ڪٽ کان وٺي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻوليءَ جي فسادن ۽ سنڌين جي قتلِ عام تائين هي سڀني ڳالهين ۾ ملوث رهي آهي.
         ڪراچيءَ ۾ هڪ طرف رت جون هوليون کيڏجي رهيون هيون ۽ ٻئي طرف اسلام آباد ۾ حڪومت پنهنجي زور ۽ طاقت کي ڏيکارڻ لاءِ جلسي جي تيارين ۾ مصروف لڳي رهي. جيو ٽي ويءَ تي ڊاڪٽر شاهد مسعود هڪ تمام سٺي ڳالهه ڪئي ته هتي پاڪستان ۾ جنگل جو قانون به نه رهيو آهي. جنگل ۾ به ڪجھه اصول هوندا آهن پر هِتي ته اونڌي گنگا پئي وهي.
        ”جلسي جي مخالفت ۾ جلسو“، ”انصاف جي نانءُ تي سياست چمڪائيندڙ خلاف سياست“ ! عجيب ڳالهه آهي. حڪومت ٻڌائڻ ٿي چاهي ته مون سان گڏ هيتري لک فوج آهي. وري اپوزيشن به پنج ڇهه همراهه مارائي ٻڌائڻ ٿي چاهي ته اسان جا همراهه ايترا جانثار آهن. آخر جمهوريت جي نانءُ تي هي ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي؟
         شايد حڪمرانن کي حڪومت لفظ جي معنى ۽ انهيءَ جو مفهوم وسرجي چڪو آهي. حڪومت جو ڪم ريليون ۽ جلسا ڪڍڻ ناهي. حڪومت ٽيڪس ۽ پگھار انهيءَ ڪري نٿي وٺي ته اُهي اپوزيشن جي جلسي جي جواب ۾ ويهي ڪري جلسو جلوس ڪن. حڪومت جو ڪم آهي ته هُو سڄي ملڪ کي ڪنٽرول ۾ ڪري. خون خرابي کي بند ڪرائي، بدامني کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن جماعت جو جسلو جلوس آهي ته اُتي وڌيڪ ڪوشش نه تڏهن به ملڪ ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ته ڏياري ته ڪو آءُ به ويٺي آهيان. هِتي ته پرويز صاحب ڪنهن ڪنوار وانگر گھونگھٽ پايو اسلام آباد ۾ ويٺو رهيو ۽ پٺيان ڪراچيءَ قيامت جو منظر پيش ڪندو رهيو. 
          ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي تقرير ٻڌڻ مهل منهنجي ذهن ۾ ڪنهن ڏاهيءَ جو هيءُ قول تري آيو ته ”سياستدان اُهي هوندا آهن جنن جي سامهون ماڻهن جا ميڙ ۽ پٺيان انسانن جا لاش هجن.“
         سڀني کان وڌيڪ حيرت انهيءَ ڳالهه تي ٿي ته ڪراچيءَ جا پڙهيل ڳڙهيل انسان به ههڙن دهشتگردن جو ساٿ ڇو ٿا ڏين؟

مولانا ابوالڪلام آزاد

May 13, 2007

    جيئي سنڌ،
    بلاگ ۾ هڪ دفعو وري حاضر آهيان. اڄ هتي مان برصغير جي هڪ مُهان محقق، تاريخدان ۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي لکڻين مان ڪجھه کنيل ٽڪڙا پيش ڪندس. اميد ته توهان کي به پسند ايندا. مهرباني ڪري پنهنجن ڪمينٽس سان ضرور نوازيندا ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان مون کي به حوصلا افزائي ملي ٿي ۽ پوءِ آءُ به روزانو پوسٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
    * ”عورت طرفان پنهنجي حُسن تي غرور، سندس طرفان ان ڳالهه جو اقرار هوندو آهي ته وٽس حُسن کان سواءِ ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي، جنهن تي هوءَ فخر ڪري سگھي. سهڻي عورت اک لاءِ جنت، دل لاءِ دوزخ ۽ کيسي لاءِ بربادي هوندي آهي. جنهن عورت ۾ حُسن کان سواءِ ٻي ڪا به خوبي نه آهي، سا مکيل مانيءَ وانگر هوندي آهي، جيڪا تازي تازي ۽ گرم ته ڏاڍي مزيدار هوندي آهي، پرٺرڻ شرط پنهنجي سموري لذت وڃائي ڇڏيندي آهي. مرد کي شاديءَ جي معاملي ۾ اعلى حُسن کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ڇو ته حُسن قبضي ۾ اچڻ شرط گھٽجي ويندو آهي، پر ان جون مصيبتون سڄي عمر باقي رهنديون آهن.“
    * ”جنگ کان پوءِ دنيا ۾ ڪا به جيڪي حيرت انگيز تبديليون آيون آهن، انهن مان ڪابه تبديلي ايتري مؤثر ۽ ڌيان لائق نه آحي، جيترو مشرقي عورت جو پوريءَ ريت مغربي عورت جي روپ ۾ بدلجڻ آهي. هاڻي اسان کي اُهي تمام پراسرا قصا وساري ڇڏڻ گھرجن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ مشرقي عورتن ۽ مشرقي حويلين جي داستانن ۾ اسان جي حيرت انگيز دلچسپيءَ جو ذريعو هوندا هئا. هر مغربي سيلاني، جيڪو مشرق گھمڻ ايندو هو، سو پاڻ کي الف ليلى جي شاهراهن ۾ سرگردان محسوس ڪندو هو. هاڻي مشرق جي سڀني شين وانگر مشرق جي عورت به ختم ٿي وئي آهي. اهو وقت پري نه آهي، جڏهن انهيءَ مشرقي عورت کي ڳولڻ لاءِ تاريخدانن کي ڪتابن جا سوين پنا اٿلائڻا پوندا.“
    * ” قومن جي خودمختياري ۽ آزادي، انهن جي جدوجھد سان ڳنڍيل آهي ۽ جدوجھد جي طاقت جو دارومدار تحريڪ جي مختلف هٿيارن تي هوندو آهي. ڪنهن قوم کان سندس جدوجھد جا هٿيار ڦُري وٺڻ جي معنى هيءَ آهي ته ان کان آزادي ۽ خودمختياري ڦُري وڃي. ان کان پوءِ ان قوم وٽ صرف غلاميءَ واري زندگي وڃي رهندي آهي، جنهن کي زندگي چوڻ، زندگيءَ جي لفظ جي سڀ کان وڏي توهين آهي.

( مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”نيرنگِ خيال“ مان کنيل ڪجھه ٽڪڙا)