هڪ وڏي عرصي کان پوءِ بلاگ کي وزٽ ڪيو اٿم. انهيءَ وچ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترا ئي واقعا ٿيا، ڪي سياسي افق تي ته ڪي وري منهنجي دل جي ڌرتيءَ تي. ڪي واقعا ٽي وي جي اسڪرين تان ڏٺم ته ڪي واقعا اکين سان پنهنجي سامهون ٿيندي ڏٺم. پر الائيءَ ڇو چاهيندي به بلاگ لاءِ ڪجھه نه لکيم.
هيءُ زندگي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن صحرا ۾ برسات وانگر ٽِڙي پوندي آهي ۽ خوشين سان ڀريل يادون ڪنهن مور وانگر پَر کولي ذهن جي واريءَ تي نچڻ لڳن ٿيون. ۽ ڪڏهن وري ذهن جي پردن تي ويساهه گهاتين، بدگمانين، بهتانن، ۽ پنهنجن جا گھاوَ ئي نظر ايندا آهن. اُنهيءَ وقت ذهن ۾ ڪٿي به ڪا خوشيءَ جي پالوٽ ٿيندي نظر نه ايندي آهي. پر چوندا آهن ته خوشيءَ ۽ غميءَ ٻئي زندگي جا حصا آهن. خوشيءَ جي بغير غم اڌورو آهي ته غم جي بغير خوشي پڻ اڌوري آهي.
ڪڏهن ڪنهن وقت شيخ اياز چيو هو ته
اکيون عاشقن جون اُڃايل اُڃايل
دليون درد واريون، دُکايل دُکايل
هئي جاه و دولت جي ڪُوڙي ڪهاڻي
جهان ۾ رهيا نِينهڙا ڪجھه نڀايل نڀايل
۽ انهيءَ ڪُوڙي ڪهاڻي جي عيوض ڪن زندگين ۾ اُداسين جيام شام اچيو وڃي ۽ ڪن زندگين ۾ وري ٽهڪن جي پالوٽ ٿيو وڃي. ڪي زندگيون لهندڙ سج جيان شفق تي پنهنجيون اڌوريون حسرتون پاڻ سان کڻي وري رات جي آغوش ۾ اچيو وڃن ۽ ڪي زندگيون وري لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ ڪئي روپ نکارين ٿيون. حياتيءَ ۾ ائين الائيءَ ڇو ٿيندو آ ته ڪي انسان ڪنهن جي باري ۾ تمام بي حس ٿيو وڃن ته ڪي وري ڪنهن جي باري ۾ حد کان وڌيڪ حساس! ۽ ائين به الائيءَ ڇو آهي ته بي حس کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿو وڃي.
اِهي ڳالهيون شايد توهان کي بغير ڪنهن مطلب جي لڳن، پر انهن جي به هڪ حقيقت آهي. . . . . . . . وري ٻئي واري ملنداسين. الله واهي!
September 19, 2007 at 4:20 pm
awhan khe shabash huje jo kam kayo paya allah sain awhan khe himath dendo
October 17, 2007 at 10:44 am
nice posts. keep posting!
PS. Vizit my blog also